ٿڌي موسم ۾ موسم ۾ ڳلي ۾ خارش سوڄ جو مسئلو تمام عام آهي.
ڳلي يا نڙيءَ ۾ خارش يا سوڄ سان ڳڻتي ٿئي ٿي ۽ ان ۾ مبتلا ماڻهو لاءِ کائڻ پيئڻ پڻ ڏکيو بڻجي وڃي ٿو، جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن اهو ڪجهه ماڻهن لاءِ ڳالهائڻ به ڏکيو ٿي وڃي ٿو.
پر خوشخبري اها آهي ته ڪجهه گھريلو طريقن سان هن مسئلي کان بچڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
ڊاڪٽرن پڻ انهن طريقن کي نڙي خرابي کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار قرار ڏنو آهي.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اهي طريقا سور ۽ تڪليف ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي آڻي سگهن ٿا.
جيڪڏهن نڙي ۾ خراش يا سرڪو ڪجهه وقت کان پوءِ ٺيڪ نه ٿئي، ته پوءِ اهو ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري به ٿي سگهي ٿو ان لاءِ ڊاڪٽر سان رابطو ضرور ڪرڻ گهرجي.
هاڻي ڄاڻون ٿا ته ڪهڙا طريقا نڙي جي خراش کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.
ماکي جو استعمال: ماکي هڪ ورم ڪش خوراڪ آهي ۽ ڪجهه ملڪن جهڙوڪ ڪروشيا ۾ ان کي اڄ به دوا طور استعمال ڪيو ويندو آهي.
گهڻو ڪري ڳلي جي خارش جو سبب ورم هوندو آهي، جيڪو جسم ڳلي ۾ ڪنهن انفڪشن تي قابو پائڻ لاءِ متحرڪ ڪري ٿو، ۽ ان سان ڳلي ۾ خارش ۽ سوجن ٿيندي آهي.
چانهه پي سگهو ٿا: سائي چانهه ، ليمي واري چانهه يا ڪاڙهو، ۽ چانهه ۾ هيڊ شامل ڪري پيئڻ سان به ڳلي جي خارش کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.
جيڪڏهن چانهه ۾ ماکي شامل ڪيو وڃي ته ڳلي جي خارش تي ان جو اثر وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.
عام چانهه ۾ موجود گرمائش به ڳلي جي خارش کي گهٽ ڪري ٿي.
ٿڌيون شيون: ڪجهه ماڻهو گرم جي بدران ٿڌي شيون استعمال ڪرڻ سان نڙي جي سرڪي يا خارش کي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا.
آئس ڪريم کائڻ سان ڳلي جي خارش ۾ گهٽتائي اچي سگھي ٿي، پر جيڪڏهن هڪ ڀيرو آئيس ڪريم کائڻ کان پوءِ ان ۾ شدت محسوس ٿئي ته ان طريقي کي ٻيهر آزمائڻ بند ڪجي ڇو ته ٿڌي هجڻ ڪري آئيس نڙي ۾ سور ۽ کنگهه جو به سبب بڻبي آهي.
لوڻياٺي پاڻي جا گرڙا: چهري يا لوٺياڻي پاڻي سان گرڙيون ڪرڻ سان به ڳلي جي خارش کان بچڻ ۾ مدد ملندي ۽ نڙي ۾ سور کان آرام ملي ٿو.
طبي ماهرن موجب هڪ ڪوپ گرم پاڻي ۾ ٿورو لوڻ ۽ بيڪنگ سوڍا ملايو، ۽ پوءِ ان پاڻي سان ڏينهن ۾ 3 کان 4 ڀيرا گرڙيون ڪيو.
ڦودني جو استعمال: ڦودني ورم ڪش خاصيتون هونديون آهن، اهو ڳلي جي خارش کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
ڦودني کي پنهنجي کاڌي ۾ استعمال ڪرڻ يا ان جي چانهه ٺاهي پيئڻ سان نڙي جي مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو، ڦودني جو استعمال تازا ساهه کڻڻ لاءِ به بهترين هوندو آهي.
ٿوم: ٿوم جي اينٽي بائيٽيڪ خاصيتن جي ڪري ان جي استعمال سان مختلف بيمارين تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.
ڳلي جي خارش تي آڻڻ لاءِ ، ٿوم کي 15 منٽ تائين چٻاڙيو يا ان جي ٽڪرن کي چوسيندا رهو،، پوءِ اهي پنهنجي وات مان ڪڍي ڇڏيو.
تيز ذائقي جي ڪري ٿوم استعمال ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿئي ته ان ۾ ماکي جو استعمال ڪري سگهو ٿا، ٿوم به نڙي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ وڏي مددگار ثابت ٿيندي آهي.