سنڌو مان ڪينال ٺاهڻ واري معاملي تي پيپلز پارٽي اعتماد ۾ ورتل آهي: واپڊا چيئرمين

اسلام آباد (بيورو +م ڊ) قومي اسيمبلي جي پاڻي معاملن واري ڪميٽي ۾ واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ رٽائرڊ جنرل سجاد حيدر سنڌ سميت چئني صوبن ۾ ڪينال ٺاهڻ لاءِ عجيب منطق پيش ڪندي چيو آهي ته ايندڙ پنج سالن ۾ ملڪ ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ اضافي پاڻي اچڻ جا اطلاع آهن، جنهن ڪري پاڻي جي زيان کي روڪڻ لاءِ ۽ غير آباد علائقن کي آباد ڪرڻ لاءِ صوبن ۾ ڪينال ٺاهيا پيا وڃن، سنڌ حڪومت سمورن معاملن ۾ آن بورڊ آهي، سنڌ جي ميمبرن جو احتجاج پاڻي ڪٿان ايندو ميمبرن جو سوال، ايندڙ پنج سالن ۾ ٻوڏون اينديون ۽ برساتون پونديون وارو جواب ڏئي ڪميٽي ۾ خاموش ٿي ويو، پي ٽي آءِ جي زرتاج گل چيو آهي ته حڪومت عجيب ڪارنامو ڪري رهي آهي، بنجر علائقن کي آباد ڪرڻ لاءِ آباد علائقا بنجر بڻائي رهي آهي، پيپلز پارٽي جي ميمبرن ابرار علي شاهه، جاويد شاهه ۽ مير منور ٽالپر بريفنگ رد ڪري ڇڏي، ايم ڪيو ايم ميمبرن به ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه وڃڻ جون دانهون ڪيون. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي پاڻي معاملن واري ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين خالد حسين مگسي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ملڪ ۾ پاڻي جي صورتحال ايندڙ سال 2025-26 جي پي ايس ڊي پي ۾ شامل پاڻي منصوبن بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي ميمبر ابرار علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، حڪمران ڪينال ٺاهڻ تي زور ڀري رهيا آهن، ارسا پنجن سالن کان پاڻي جو اڪائونٽ غلط ٺاهي رهيو آهي، آزاد پاڻي ماهرن کان پاڻي جي آڊٽ ڪرائي وڃي ۽ پاڻي جي صحيح مقدار ۽ صوبن ۾ پاڻي ورهائڻ وارو معاملو ظاهر ڪيو وڃي ته جيئن مس ٽرسٽ ختم ٿي وڃي، هن چيو ته 2020 ۾ به هڪڙي ڪميٽي ٺهي هئي ان ۾ به سنڌ آڊٽ جو مطالبو ڪيو هو پر اڄ تائين ڪجهه نه ٿيو آهي، جيڪڏهن پاڻي جي آڊٽ ٿئي ها ته ارسا مان زبردستي پاڻي جا سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪرايا وڃن وڃن ها، هن چيو ته ملڪ ۾ اضافي ڪينالن جي ڪا به ضرورت ڪونهي، سنڌ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ ڀوڳي رهي آهي، سڄي سنڌ روڊن تي آهي، ان عمل سان صوبن ۾ تلخيون پيدا ٿي رهيون آهن، پي پي پي ميمبر سيد جاويد علي شاهه چيو ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ جو پاڻي پنجاب جي حدن مان چوري پيو ٿئي، ان چوري کي روڪڻ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي وئي پر اڄ تائين ان جي رپورٽ پڌري ناهي ڪئي وئي، ڪينال ٺاهڻ سان صوبن ۾ نفرت وڌندي، ڪينال ٺاهڻ ڪو ملڪ جو حساس مسئلو ناهي جو بحث نٿو ڪري سگهجي، ڳالهيون لڪايون پيون وڃن، ان موقعي تي مير منور ٽالپر چيو ته سنڌ سڪي رهي آهي، ميرپورخاص، ٺٽو بدين ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي ناهي، ڪينال حڪومت منظور ڪري ان تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان سان صوبن ۾ دوري اچي ويندي، ان عمل کي فوري روڪيو وڃي، ڪميٽي چيئرمين خالد مگسي چيو ته پاڻي جي ايشو تي سدائين سنڌ ۽ پنجاب جو تڪرار رهندو آهي، سنڌ کي اها هميشه شڪايت رهي آهي ته پنجاب پاڻي جو اڪائونٽ نٿو ڏئي، منهنجي نگراني ۾ به هڪ ڪميٽي ٺهي هئي، جنهن ۾ سکر، گڊو ۽ تونسا واري هنڌن تائين مختلف اوزارن سان ٽيڪنيڪل ذريعي پاڻي کوٽ جي شڪايتن جو جائزو ورتو ويو، پنجاب ماپ دوران لوڪيشن ۽ اوزارن تي اعتراض ڪيو هو، جيڪو مون کي ياد آهي ته 10 کان 12 هزار پاڻي جي کوٽ واري شڪايت سنڌ جي ان وقت جائز هئي، مون رپورٽ تيار ڪري وزارت جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. مير منور ٽالپر چيو ته پاڻي به نيشنل سيڪيورٽي جو ايشو آهي حڪومت ڪينال منظور ڪري ڇڏيا آهن ۽ ڪم به شروع ڪري ڇڏيا آهن، جاويد شاهه جيلاني چيو ته بلوچستان سدائين اسان سان ناراض هوندو آهي ته ان کي پاڻي پورو نٿو ملي، جڏهن سنڌ کي پاڻي نه ملندو ته بلوچستان کي به پورو پاڻي ملڻ مشڪل آهي، ڪميٽي چيئرمين چيو ته بلوچستان کي ته ان ڪري سنڌ وارا سزا ڏيندا آهن جو هو ارسا ۾ پاڻي فيصلن ۾ ووٽ ڏيڻ تي پنجاب جو ساٿ ڏيندو آهي ان موقعي تي واپڊا جي چيئرمين رٽائرڊ جنرل سجاد حيدر چيو ته ايندڙ سالن ۾ ملڪ ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ اضافي پاڻي ايندو، ڪينال ان ڪري ٺاهيا پيا وڃن ڪينال رڳو سنڌ ۾ نه پيا ٺاهيا وڃن سڄي ملڪ ۾ ٺهي رهيا آهن، ابتداعي طور تي سنڌ ۾ 2، پنجاب ۾ 2، بلوچستان ۾ هڪ ۽ ڪي پي ڪي ۾ هڪ ڪينال ٺاهيو پيو وڃي، هن چيو ته سنڌ سمورن معاملن ۾ آن بورڊ آهي ۽ ارسا ڪينال لاءِ سرٽيفڪيٽ به جاري ڪري ڇڏيا آهن، ايم ڪيو ايم جي ميمبر محمد معين عامر چيو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڪونهي، جنهن ڪري ڪراچي واسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان آهن، اضافي پاڻي ڪٿان ايندو، منور ٽالپر چيو ته 11 مهينن کان سي سي آءِ جو اجلاس ناهي ٿيو، ڪينالن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. واپڊا چيئرمين چيو ته ڪينال ان ڪري ٺاهيون پيا جو سنڌ سيلاب ۾ ٻڏندي آهي ان کي بچائينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.