اسلام آباد(بيورو/ع آ نيوز) گهرو وزارت بحريا ٽائون جي چيئرمين ملڪ رياض، سندس پٽ علي رياض، اڳوڻي وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر ۽ فرح شهزادي جا پاسپورٽ رد ڪري ڇڏيا. وفاقي گهرو وزارت قومي احتساب بيورو (نيب) جي درخواست تي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ جوابدارن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. گهرو وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي سفارش تي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ ملوث 4 اشتهاري جوابدارن جا پاسپورٽ رد ڪرڻ لاءِ گهرو وزارت کي 28 جنوري تي خط لکيو هو . واضح رهي ته نيب هڪ ڏينهن اڳ ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي رياض ملڪ کي متحده عرب امارات مان وطن واپس آڻڻ جو عمل شروع ڪيو هو. نيب اختيارين ملڪ رياض ۽ سندس پٽ جي حوالگي لاءِ اماراتي اختيارين سان رابطو ڪيو هو.
-
ملڪ رياض معاملي ۾ ڪيترن ئي فوجي آفيسرن جا نالا ظاهر ٿيڻ جو امڪان
اسلام آباد(حماد حسن) مولانا فضل الرحمان جي ڪوشش آهي ته گنڊاپور سندس رستي مان هٽي وڃي جو ٻنهي جو تعلق ساڳي ضلعي سان آهي،ٻي خبر اها آهي ته مشرف دور ۾ نيب آفيسر خلاف جاچ ٿي هئي ان آفيسر لاءِ هڪ عورت ڊوڙ ڊڪ ڪري رهي هئي ان دور جون ڪجه وڊيوز آهن جيڪي موجوده سياسي منظرنامي تي اثر وجهي رهيون آهن ظاهر آهي ته اهي ڪنهن انٽيليجنس ايجنسي وٽ هونديون اهي وڊيوز چڪلالا ۾ ٺهيون هيون.انهن وڊيوز جي بنياد تي سياسي منظرنامو جڙي رهيوآهي ڏسڻو پوندو ته ڪير پوئتي هٽي ٿو.نيب ايف آئي اي کي خط لکيو آهي ته ملڪ رياض واري معاملي تي يو اي اي سرڪار ۽ انٽرپول سان له وچڙ ۾ اچو. هڪ تاثر اهوآهي ته اتان جوشاهي خاندان کيس سپورٽ ڏئي رهيوآهي،امڪان آهي ته ڏهن پندرهن ڏينهن ۾ ملڪ رياض کي واپس آندو ويندو، معاملا اگر فيض حميد وانگر لڪايا نه ويا ته گهڻو ڪجه سامهون ايندو،جڏهن ته 12 آگسٽ کان پڪڙيل فيض حميد جي حوالي سان ڪا ڳاله سامهون نه پئي اچي. ملڪ رياض معاملي ۾ ڪيترن ئي فوجي آفسرن جا نالا به اچي سگهن ٿا اگر انهن تي پردو نه رکيو ويو. جيڪڏهن رڳو سياستدان ۽ صحافي نشانو بڻجندا ته اهو معاملو نه هلي سگهندو.