سنڌوءَ تي ڪينال اڏڻ خلاف ڪڍڻ ۾ 20ڪلوميٽر لانگ مارچ،ڌرڻو

ڪڍڻ (رپورٽ: بابو کوسو) سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن پاران سينگاري سم نالي کان ڪڍڻ پريس ڪلب تائين ويھ ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان  ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو اڳواڻن عزيز ڏيرو،جي يو آءِ اڳواڻ الهھ بخش نوتيار ،سائين محمد اسحاق بجير ،لالا نواز ،سينئر صحافي عطا چانڊيو ،ايس يو پي جي امير آزاد پنھور، ايس ٽي پي اڳواڻ ممتاز علي جت فشرفوڪ فارم جي ضلعي صدر نبي بخش ملاح، علي محمد شورو، رئيس جمع خان بروهي، محمد اسماعيل بروهي، گل محمد گرگيز ، ڪڍڻ جي صحافين  سميت سوين آبادگارن شھرين سياسي سماجي سوشل ورڪر مذھبي ڌرين شرڪت ڪري ڪئنالن جي مخالفت ڪندي ڇتي ناري بازي ڪئي ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه اسان جو جياپو آھي سنڌو مان ڇھه ڪئنال ڪڍي سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن جو معاشي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آھي اسان وٽ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آھي اسان ھن کان اڳ پاڻي کوٽ خلاف لانگ مارچ ڪيا آھن مٿانھن وري ڇھ ڪئنال سنڌو مان ڪڍي اسان کي ويتر مارڻ جو منصوبو ڪيو ويو آھي،هنن چيو ته سنڌو تي ڌاڙو ھڻڻ بند ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ ھي لانگ مارچ اڃا به اڳتي وڌي اسلام آباد تائين پھچندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.