پاڪستان ۾ گيهه ۽ تيل جي کوٽ ۽ اگهن ۾ وڏي واڌ جو خدشو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پورٽ قاسم تي ايڊيبل آئل جي شپمنٽس جي ڪليئرنگ نه ٿيڻ سبب پاڪستان ۾ گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي کوٽ ۽ اگهن ۾ وڏي واڌ جو خدشو پيدا ٿي ويو.
پاڪستان بناسپتي ايسوسيئيشن جي چيئرمين شيخ عمر ريحان گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي کوٽ جو خدشو ظهار ڪندي چيو ته پورٽ قاسم تي ايڊيبل آئل جي شمپنٽس جي ڪليئرنگ گذريل هڪ هفتي کان رڪيل آهي.
هن چيو ته پورٽ قاسم ٽرمينل تي شپمنٽس لاهڻ جي جاءِ ناهي، پورٽ قاسم تي ٻاهرئين ملڪ مان سامان ۽ تيل آڻيندڙ جهاز برٿ جي انداز ۾ سمنڊ ۾ قطارن ۾ بيٺا آهن، جنهن سبب تيل جي کوٽ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪنسائنمنٽ دير سان ڪليئر ٿيڻ سبب ڊيمريجز ۽ ٻيا ڏنڊ لڳي رهيا آهن، ڪسٽم جي سافٽ ويئر پي ايس ڊبليو جي بندش سان معيشت کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي، ڪليئرنگ نه ٿيڻ سبب امپورٽرز کي به نقصان ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.