پنڻ تي 7 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ هوندو: بل پيش

اسلام آباد (ويب ڊسڪ) ٻاهرئين ملڪ وڃي پنڻ جي واقعن جي معاملي تي سينيٽ ۾ پينن جي روڪٿام بابت ترميمي بل پيش ڪيو ويو.
بل جي متن ۾ منظم طور پنڻ جي تعريف بيان ڪئي وئي آهي، جنهن موجب منظم طور پنڻ ڪنهن عوامي هنڌ تي خيرات گهرڻ يا وصول ڪرڻ آهي، قسمت جو حال ٻڌائي ڪرتب ڏيکاري پنڻ کي به منظم پنڻ قرار ڏنو ويو آهي، منظم پنڻ سان مراد بهاني سان شيون وڪرو ڪرڻ به آهي.
بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته منظم پنڻ، ان لاءِ ڀرتي، پناهه ڏيڻ يا منتقلي تي 7 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ هوندو.
بل موجب گاڏين جي شيشا کڙڪائڻ، زبردستي شيشا صاف ڪرڻ منظم پنڻ آهي، روزگار بنا گهمڻ، تاثر ڏيڻ تي گذارو پِن تي آهي، اهو به منظم پنڻ تصور ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.