چور فخر عالم جو گهر ٻُهاري ويا، اداڪار سخت مايوس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شوبز انڊسٽري سان سلهاڙيل ناليواري ادڪار، گلوڪار ۽ ميزبان فخر عالم جي ڪراچي جي گهر ۾ چوري جي واردات ٿي آهي.
فخر عالم ايڪس تي پوسٽ شيئر ڪندي افسوسناڪ واقعي جو اطلاع ڏنو.
هن چيو ته ڪراچي ۾ منهنجي گهران چوري ڪئي وئي آهي، پوليس موجود آهي ۽ واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته منهنجي لاءِ شيون اهم ناهن پر ذهني سڪون جي ڪا قيمت ناهي هوندي، اهو سڀ ڪجهه پريشان ڪندڙ آهي، اميد ته جوابدار جلد گرفتار ٿيندا.
هوڏانهن ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا چيو ته سيڪيورٽي گارڊ کي نشو ڏئي بيهوش ڪيو ويو، واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.