پيٽروليم شين جي اگهن بابت اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پهرين فيبروري کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جو امڪان آهي.
مارڪيٽ ذريعن موجب تيل مارڪيٽنگ ڪمپنين ان حوالي سان ورڪنگ تيار ڪري ورتي آهي ۽ حتمي فيصلو حڪومت ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 6 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي، وزيراعظم شهباز شريف اگهن ۾ تبديلي جي منظوري ڏيندو.
ذريعن موجب في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 24 پيسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا 49 پيسا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ 5 رپيا 93 پيسا في ليٽر، لائيٽ ڊيزل 5 رپيا 5 پيسا في ليٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.