اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر طرفان پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 جي منظوري کانپوءِ فيڪ نيوز واچ ڊاگ طرفان 45 صفحن تي ٻڌل تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي وئي.
فيڪ نيوز واچ ڊاگ طرفان قانون کي جمهوري روايتن تي حملو قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته قانون ۾ فيڪ نيوز جي تڪراري ۽ مبهم تعريف تي ڳڻتيءَ جو اظهار به ڪيو ويو آهي.
فيڪ نيوز واچ ڊاگ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تڪراري قانون جي منظوري پاڪستان ۾ اظهار جي آزادي تي پابندي جهڙي آهي، سخت سزائن ۽ ڳري ڏنڊ ذريعي عام ماڻهو جي راءِ کي دٻائي سگهجي ٿو، حڪومت سخت قانون سازي کان اڳ جعلي خبرن جي تدارڪ لاءِ قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
رپورٽ موجب حڪومت طرفان قانون سازي جي عمل ۾ اسٽيڪ هولڊرن جي راءِ کي نظرانداز ڪيو ويو، قانون جي منظوري کانپوءِ سفارتي محاذ جي پاڪستان جي چيلينجن ۾ واڌ ٿي.
You might also like