”بلاول ڀٽو جي وڌندڙ مقبوليت ڏسي خالد مقبول جهڙو ڪاغذي سياستدان ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلاول هائوس جي ترجمان سريندر ولاسائي، خالد مقبول صديقي جي تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي ته پ پ چيئرمين جي وڌندڙ مقبوليت ڏسي خالد مقبول جهڙا ڪاغذي سياستدان ذهني توازن وڃائي ويٺا آهن، خالد مقبول اينڊ ڪمپني جي اڄوڪي پريس ڪانفرنس مايوس سياسي يتيمن جي غم جي محفل هئي.
سريندر ولاسائي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي واپارين کي ڀتي خورن کان تحفظ جي ضمانت ايم ڪيو ايم جون ننڊون اڏائي ڇڏيون، خالد مقبول اينڊ ڪمپني کي ٽي وي تي ڏسي عوام کي ٻوري بند لاشن جو دور ياد اچي ويندو آهي، ڪراچي جي عوام نفرت، ورهاست ۽ دهشتگردي جي سياست کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي نظريي ڪراچي ۾ امن بحال ڪيو ۽ ترقي جا رستا کوليا، اڄ واپارين سميت سمورو عوام پ پ چيئرمين سان گڏ بيٺو آهي، هو سڄي ملڪ جي سياست جو مرڪز بڻيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.