تقريب ۾ ”چيف جسٽس منصور علي شاهه“ جي نعرن تي سينيئر جج ڪهڙو جواب ڏنو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي حلف برداري تقريب دوران وڪيلن طرفان چيف جسٽس منصور علي شاهه جا نعرا هنيا ويا، جنهن تي هن چيو ته مون کي چيف جسٽس نه چئو، مان سينيئر ترين جج آهيان ۽ ان ۾ ئي خوش آهيان.
ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته مان سينيئر پيوني جج آهيان ۽ ان ۾ ئي خوش آهيان، مون کي سينيئر پيوني جج چيو وڃي.
هن چيو ته حلف رڳو لفظ ناهن هوندا، گهري معنيٰ رکندا آهن، حلف مقدس واعدو آهي، ان کي ٽوڙڻو ناهي، حلف انصاف ۽ قانون جي بالادستي لاءِ واعدو آهي.
سندس چوڻ هو ته ماڻهن جو دفاع ڪرڻ بهادري جو ڪم آهي، توهان تي دٻاءُ ايندو، لالچ ڏني ويندي پر حلف ناهي ڇڏڻو، جيڪڏهن حلف جي پاسداري ڪئي وڃي ته سڀ مسئلا حل ٿي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.