ڪهڙو ڪيس ڪٿي لڳندو، فيصلو ججز ڪميٽي جو اختيار آهي: جسٽس منصور جي حڪم نامن بابت لکت آرڊر جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ بينچز ۽ ججز ڪميٽي جي اختيارن جي معاملي بابت آئيني بينچ سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه جا ٻه حڪم ناما واپس وٺڻ جو لکت آرڊر جاري ڪري ڇڏيو.
جاري ڪيل لکت حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته 13 ۽ 16 جنوري جا حڪم ناما بنا ڪنهن اختيار جي هئا، ٻئي حڪم ناما واپس ورتا ويا آهن.
حڪم نامي موجب ججز ڪميٽيون پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت ڪم ڪنديون آهن، ڪهڙو ڪيس ڪٿي لڳندو، اهو فيصلو ڪرڻ ڪميٽين جو اختيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.