واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڄائي آمريڪي جج جي فيصلي سبب ٽرمپ کي پنهنجو هڪ صدارتي حڪم نامو رد ڪرڻو پئجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو وفاقي فنڊنگ روڪڻ جو حڪم عدالت ۾ چئلينج ٿيو هو، جنهن کي پاڪستان ڄائي وفاقي عورت جج قبول ڪندي ٽرمپ خلاف فيصلو ٻڌايو.
ان فيصلي جي بنياد تي ٽرمپ کي پنهنجو صدارتي حڪم نامو رد ڪرڻو پئجي ويو.
ان عدالتي شڪست تي وائيٽ هائوس جي ترجمان وضاحت ڪئي ته صدر ٽرمپ سمورا قدم قانون جي پاسداري ڪندي کنيا آهن، ان فيصلي تي وڌيڪ عدالتي جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهيون.
واضح رهي ته پاڪستان ڄائي آمريڪي عورت لورين علي خان جو پيءُ ڊاڪٽر آهي ۽ هو 50 سال اڳ آمريڪا منتقل ٿيو هو.
You might also like