ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته منع نامي ۽ ضمانت سان معاملا حل نه ٿيندا.
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته پاڪستان ۾ 86 سيڪڙو ڪيس ڊسٽرڪٽ ڪورٽس ۾ آهن، هر ڪيس عدالت ۾ کڻي وڃڻ بدران معاملا ٽياڪڙي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، مائينڊ سيٽ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته عوامي سطح تي آگاهي ضروري آهي، اسان وٽ جج گهٽ آهن ۽ انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي، معاملن جي حل لاءِ ٻيا ذريعا استعمال ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن مسئلو حل نه ٿئي ته پوءِ عدالت سان رابطو ڪرڻ گهرجي.
جج گهٽ آهن، ٽياڪڙي سان مسئلو حل نه ٿئي ته پوءِ عدالت اچڻ گهرجي: جسٽس منصور
Next Post
You might also like