ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ ڪراچي پهچندڙ عورت آمريڪا واپسي کان انڪار ڪري ڇڏيو، محبت ۾ ناڪامي تي مايوس عورت ڪراچي ايئرپورٽ تي گوڙ ڪيو، عورت کي جهاز ۾ سوار ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ اڏام 36 منٽ دير جو شڪار ٿي وئي.
33 ورهين جي اونيجا اينڊريو رابنسن آمريڪا واپسي کان انڪار ڪري ڇڏيو، هن ڪراچي ايئرپورٽ تي گوڙ ڪيو ۽ جهاز ۾ سوار ٿيڻ کان ٺپ جواب ڏنو.
ايئرپورٽ ذريعن موجب عورت اڳ ۾ اميگريشن ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ۽ پوءِ ڊپارچر لانچ ۾ جهاز ۾ سوار نه ٿي ۽ بهانا ڪري آمريڪا واپسي کان لنوائيندي رهي.
پوليس ۽ ايئرپورٽ سيڪيورٽي عورت کي حفاظتي تحويل ۾ ڊپارچر لانچ تائين پهچايو، ايئرلائن ذريعن موجب عورت کي زبردستي جهاز ۾ سوار ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ اڏام 36 منٽ دير جو شڪار ٿي وئي، ايس او پيز سبب ڪنهن به مسافر کي زبردستي اڏام ۾ سوار نٿو ڪرائي سگهجي.
واضح رهي ته اونيجا اينڊريو رابنسن 11 آڪٽوبر تي هتي پهتي هئي، هوءَ ٻن ٻارن جي ماءُ آهي، جڏهن ته 19 ورهين جي نوجوان ساڻس شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
هوءَ ڪيترو ئي عرصو دربدر رهي پر جڏهن سندس واپسي جو انتظام ڪيو ويو ته هن وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پاڪستاني نوجوان جي عشق ۾ انڌي آمريڪي عورت جو واپسيءَ کان انڪار، ايئرپورٽ تي گوڙ
You might also like