اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مان يورپي يونين کي غير معياري ۽ جعلي چانور برآمد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
قومي اسمبلي جي واپار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس محمد جاويد حنيف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ يورپي يونين پاران پاڪستاني چانورن جي ايڪسپورٽ تي اعتراضن جو معاملو بحث هيٺ آيو.
اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبر مرزا اختيار بيگ انڪشاف ڪيو ته پاڪستان مان يورپي يونين کي غير معياري ۽ جعلي چانور برآمد ڪيا ويا، يورپي يونين پاڪستان کي چانورن بابت الرٽ جاري ڪيا آهن.
مرزا اختيار بيگ چيو ته يورپي يونين اسان کي 100 کان وڌيڪ الرٽس موڪليا آهن، اهي الرٽس ان ڪري موڪليا ويا آهن جو جعلي چانور سپلاءِ ڪيا وڃن ٿا، مارڪيٽن ۾ چانورن ۾ جعلي مواد شامل ڪيو ويو آهي، اسان کي ڏسڻ گهرجي ته اهو ڪيئن ٿي رهيو آهي.
ڪميٽي ميمبر شرميلا فاروقي چيو ته يورپي يونين 2024 ۾ پاڪستاني چانور تي 72 رنڊڪون وڌيون، پاڪستان جي چانور جي ايڪسپورٽ ۾ ڪوالٽي جا مسئلا اچي رهيا آهن، هاڻي چيو پيو وڃي ته هڪ نئين نيشنل فوڊ سيفٽي اٿارٽي ٺاهي پئي وڃي، بس اٿارٽيز ٺهن ٿيون پر مسئلن جو حل نٿو نڪري.
واپار واري سيڪريٽري جواد پال ڪميٽي کي ٻڌايو ته يورپي يونين طرفان ڪا وارننگ جاري ناهي ڪئي وئي، هڪ اهڙي شيءِ جيڪا ٿي ئي ناهي، ان تي ايترو وڏو مسئلو بڻايو ويندو آهي.
اجلاس ۾ خورشيد جوڻيجو ٻڌايو ته پنجاب مان چانور جي هڪ ڪنسائنمنٽ تي يورپي يونين وارننگ جاري ڪئي آهي، زرعي ونگز سان گڏ ويهڻ سان ئي ايڪسپورٽ جي مسئلن جو حل نڪرندو.
مرزا اختيار بيگ چيو ته هن سال چانورن جي ڀرپور پيداوار ٿي ۽ ايڪسپورٽ به شاندار رهي.
واپار واري وزارت جي اختيارين ٻڌايو ته صوبن سان گڏجي چانورن جي معيار بابت ڪم ڪري رهيا آهيون، ان حوالي سان ڪافي گڏجاڻيون ڪيون آهن.
هڪ ٻئي ڪميٽي ميمبر چيو ته هن وقت بنگلاديش مان ٽي سي پي کي 50 هزار ٽن چانورن جو آرڊر مليو آهي، چانورن جي معيار بابت مسئلن کي جلد حل ڪرڻو پوندو.
ڪميٽي ايندڙ ميٽنگ ۾ رائس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن کي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو، ڪميٽي چيئرمين چيو ته سڀني معاملن تي تفصيلي بريفنگ وٺنداسين.
You might also like