اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته حڪومت اڳ ۾ پنهنجو جواب شيئر ڪري ها ته غور ڪيون ها پر اهي نٿا چاهين ته ڳالهيون ٿين.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته ڳالهين ۾ اڳرائي پي ٽي آءِ باني ڪئي، اسان تي هر قسم جون سختيون ڪيون ويون پر ان باوجود ڳالهين ۾ اڳرائي ڪئي سين، پنهنجا مطالبا حڪومت سامهون رکيا، حڪومت ڳالهين ۾ دير ڪئي، حڪومت سنجيده هجي ها ته پنهنجو جواب ڏئي ها.
هن چيو ته اسان جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو هو پر حڪومت جواب نه ڏنو، حڪومت نٿي چاهي ته ڳالهيون ٿين ۽ حل نڪري.
You might also like