ڪراچي (رپورٽر ) اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين ڊاڪٽر سڪندر شورو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ تعليم واري وزير سردار شاهه، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، جميل احمد سومرو، صابر قائمخاني، محمد فاروق، محمد ريحان، ماروي فصيح، شازيه ڪريم، شوڪت شيراز، اروبا، راشد رباني، مليحه منظور، يوسف بلوچ، روما مشتاق مٽو ۽ سيڪريٽري يونيورسٽين شرڪت ڪئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي سنڌ يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرن جي مقرري جي قانونن ۾ ترميمن لاءِ حڪومت جي تجويزن جي منظوري ڏني. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته يونيورسٽين جي ترميمي بل کي اسيمبلي ۾ ٻيهر پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، هاڻي ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي هولڊرن کي وي سي طور مقرر ڪري سگهجي ٿو. اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران ڪيڊر آفيسرن سان گڏ قابليت رکندڙ سول سوسائٽي جي فردن ۽ دانشورن کي وي سي طور مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. شروعات ۾ بل تي مخالف ڌر کي اعتماد ۾ ورتو ويو هو پر گذريل ڏينھن نامعلوم سببن جي ڪري اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾مخالف ڌر جي ميمبرن ترميمن جي مخالفت ڪئي، پر بعد ۾ ايم ڪيو ايم جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ميمبر صابر قائمخاني، ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ اسان بل جي سخت مخالفت ڪئي آهي، حڪومت پاران اڪثريت ھئڻ سبب ترميمون منظور ڪيون ويون آهن، سنڌ حڪومت سنڌ صوبي ۾ تعليمي ادارن کي تباهه ڪري پئي. ان موقعي تي جماعت اسلامي جي ڪميٽي ميمبر محمد فاروق چيو ته مان اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ميمبر ناھيان، پر مون انهيءَ حيثيت ۾ اجلاس ۾شرڪت ڪئي آھي جو ترميمن جي خلاف اسيمبلي ۾ مون تجويزون پيش ڪيون هيون. صابر قائمخاني کان علاوه ايم ڪيو ايم جا ٻه ٻيا ميمبر اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ شامل نه هئا. هن چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جا ميمبر ڇو غير حاضر هئا؟ توهان ان جي مخالفت ڇو نه ڪئي؟ اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ ترميمي بل ۾ ڪيڊر آفيسرن سان گڏ سول سوسائٽي ۽ دانشورن کي وي سي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جماعت اسلاميءَ پاران اسٽينڊنگ ڪميٽي جي فيصلي کي رد ڪيو ويو.
-
ڪامورن کي وي سي بڻائڻ خلاف ڪراچي ۾ استادن جو احتجاجي مظاهرو
ڪراچي ( رپورٽر) فيڊريشن آف آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئيشن (فپوواسا) جي حڪم تي سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جي استادن جي وڏي انگ ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي اردو، سنڌي ۽ انگريزي زبانن ۾ بيوروڪريٽ وائيس چانسلر نااهل، ڪانٽريڪٽ تي ڀرتيون نامنظور ۽ تعليم دشمن ترميمي بل نامنظور جا نعرا لکيل هئا.مظاهرين کي خطاب ڪندي فپوواسا سنڌ جي صدر ڊاڪٽر پروفيسر اختر گهمرو چيو ته سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ هلندڙ بحران جو سڌو سنئون ذميوار سنڌ جو وڏو وزير آهي ۽ سندس لاپرواهي ۽ مغرور رويي بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته حڪومت جي لاپرواهي ۽ اشتعال انگيز رويي سبب استاد تعليمي سرگرميون معطل ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. تدريسي برادري ڪاموري جي وائيس چانسلر جي مقرري کي قبول نه ڪندي. ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر محسن چيو ته انجمن ٽيچرس ايسوسي ايشن بيوروڪريٽس جي مقرري جي سخت مخالفت ڪري ٿي، اڄ جي صورتحال استادن کي روڊن تي آڻي ڇڏيو آهي. بيوروڪريٽس پهريان سرڪاري اسڪولن کي تباهه ڪيو، هاڻي سندن ٽارگيٽ يونيورسٽيون آهن. هن چيو ته اهڙن فيصلن سان تعليم جي معيار ۽ ادارن جي خودمختياري کي نقصان پهچندو آهي. درجنين بيوروڪريٽس اربين رپيا کائي ويا ۽ نيب کي منٿون ڪري ٻيهر مقرر ڪيا ويا، تازو ئي بيوروڪريٽس سکر حيدرآباد موٽر وي جا 30 ارب رپيا کائي ويا ۽ موٽر وي به نه ٺهي سگهي ۽ هاڻي اهڙن بيوروڪريٽس کي لڳائي سنڌ جي يونيورسٽين جون زمينون وڪرو ڪيون وينديون ،مظاهرين کي پروفيسر توصيف احمد پڻ خطاب ڪيو ۽ چيو ته يونيورسٽي جي استادن کي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪرڻ ۽ ترميمي بل آڻڻ اعليٰ تعليم کي تباهه ڪرڻ جي برابر آهي. هوڏانهن اڱاري ڏينهن به سنڌ جي يونيورسٽين ۾ تدريسي عمل معطل رهيو.