ڪراچي جي نوجوان جي محبت ۾ گرفتار ٿي پاڪستان پهتل آمريڪي عورت سان وڏي جُٺ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي نوجوان جي محبت ۾ گرفتار آمريڪي عورت اونيا اينڊريو رابنسن پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي پاڪستان اچڻ کانپوءِ دربدر ٿي وئي.
ڪراچي جي علائقي گارڊن ويسٽ سان تعلق رکندڙ 19 ورهين جو نوجوان آمريڪي رياست نيو يارڪ جي 33 ورهين جي عورت کي پنهنجي محبت جي ڄار ۾ ڦاسايو هو، عورت نوجوان جي محبت ۾ گرفتار ٿي پاڪستان آئي پر نوجوان طرفان جواب ملڻ کانپوءِ هوءَ دربدر ٿي وئي.
عورت 5 آڪٽوبر 2024 تي پاڪستان جي ويزا لاءِ درخواست ڏني، جنهن کي 9 آڪٽوبر 2024 تي هڪ مهيني لاءِ پاڪستان جي سياحتي ويزا جاري ڪئي وئي هئي، جڏهن عورت ڪراچي پهتي ته نوجوان جا والدين حيران ٿي ويا، ڇو ته کين خبر پئي ته جنهن کي سندن پٽ پسند ڪندو آهي، ان جي عمر ته کانئس گهڻي وڏي آهي، مڙس کان طلاق وٺي آئي آهي ۽ ٻن ٻارن جي ماءُ آهي.
والدين جي ناراضگي سبب نوجوان عورت کي ڏٽو ڏئي گم ٿي ويو، جنهن کان پوءِ عورت گڏ آندل رقم سان ڪجهه ڏينهن گذاريا پر پوءِ هوءَ ڪراچي ايئرپورٽ تي وڃي ويٺي ۽ اتي تقريبن 7 ڏينهن کان موجود آهي.
اهو رڳو اتفاق هو جو گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري هڪ دوري تان واپسي تي ڪراچي ايئرپورٽ پهتو ته هن عورت کي پريشاني واري حالت ۾ ڏٺو ۽ تڏهن ئي ان معاملي جو انڪشاف ٿيو.
گورنر عورت کي فوري طور تي پاڪستان جي ويزا جاري ڪرائي ڇڏي، سومر تي جاري ڪيل اها ويزا 11 فيبروري تائين لاءِ آهي، گڏوگڏ گورنر عورت جي آمريڪا واپسي جي ٽڪيٽ جو بندوبست به ڪرائي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.