اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس کي بحال ڪيو ويو.
رجسٽرار آفيس نذر عباس جي ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل جي عهدي تي بحالي جو آفيس آرڊر جاري ڪري ڇڏيو.
ايڊيشنل رجسٽرار کي آئيني ڪيس ريگولر بينچ ۾ لڳائڻ تي او ايس ڊي بڻايو ويو هو ۽ عدالت طرفان توهين عدالت جو نوٽيس جاري ٿيو هو.
گذريل ڏينهن جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ نذر عباس خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌايو هو.
فيصلي ۾ چيو ويو ته ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل ڄاڻي واڻي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي نه ڪئي، تنهن ڪري توهين عدالت جو نوٽيس واپس ورتو پيو وڃي.
Next Post
You might also like