چيمپيئنز ٽرافي جي آن لائن ٽڪيٽن تي خلق ٽُٽڻ سبب سرورز ويهي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ٽڪيٽن جو آن لائن وڪرو ڪندڙ ويب سائيٽ تي وڌيڪ ٽريفڪ سبب ان جا سرور ويهي ويا.
چيمپيئنز ٽرافي جي ٽڪيٽن جو آن لائن وڪرو جاري آهي ۽ ڪرڪيٽ فينز ٽڪيٽن جي خريداري ۾ غير معمولي دلچسپي ڏيکاري رهيا آهن.
پر شوقينن کي ٽڪيٽن جي خريداري ۾ ڏکيائيون پڻ پيش اچي رهيون آهن، ڇو ته ٽڪيٽون آن لائن وڪرو ڪندڙ ويب سائيٽ جا سرور ويهي ويا آهن، جنهن سبب ٽڪيٽن جي خريداري جي عمل ۾ خلل پئجي رهيو آهي.
آن لائن ويب سائيٽ تي وڌيڪ ٽريفڪ سبب ويب سائيٽ جا سرور ويهي ويا آهن ۽ ويب سائيٽ سروسز جو انگ وڌائڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.