گوگهرا نه رڳو توهان جي گهر وارن جي ننڊ خراب ڪندا آهن، پر انهن سان گڏ صحت جا مختلف مسئلا به پيدا ڪري سگهن ٿا.
گوگهرا هڻندڙ ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي مهمان ٿي وڃي ته پوءِ ان لاءِ ۽ ميزبان ماڻهن لاءِ به وڏو ويل هوندو آهي، ڇو ته گوگهرن وارو ماڻهو پاڻ کي لڄي محسوس پيو ڪندو آهي.
پر پريشان ٿيڻ جي ڳالهه ناهي، هڪ اهڙي وڻندڙ شيءِ به آهي جنهن کي پنهنجي عادت ۾ شامل ڪري توهان ان مسئلي تي ضابطو آڻي سگهو ٿا..
هڪ طبي تحقيق ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته پنير کائڻ سان سليپ اپنيا، جيڪو ساهه کي روڪڻ جو مسئلو آهي، جا خطرا گهٽائي سگهجن ٿا.
سليپ اپنيا ۾ مبتلا ماڻهن جي سڀ کان عام علامت گوگهرا هڻڻ هوندي آهي. اهڙي صورتحال ۾، انهن جو ساهه رات جو ننڊ ڪري گهڙي گهڙي رڪبو آهي ، جنهن جي ڪري گوگهرن سان گڏ مختلف طبي مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پنير ۾ موجود مخصوص هارمونز ۽ مرڪب سليپ اپنيا سان سڌي ريت تعلق رکندا آهن. خاص طور تي، پنير يوريا ۽ testosterone تي اثرانداز ٿيندو آهي، جيڪي سليپ اپنيا سان جڙيل آهن.
تحقيق ۾ اهو ناهي چيو ويو ته ڪهڙي قسم جو پنير يا ڪيتري مقدار ۾ پنير کائڻ سان وڌيڪ فائديمند ٿيندو آهي، بس اهو چيو ويو آهي ته پنير کائڻ سان واضح اثر ظاهر ٿين ٿا.
محققن جو چوڻ آهي ته سليپ اپنيا ۽ غذا جي وچ ۾ تعلق سمجھڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
پنير ۾ پروٽينز، ڪيلشيم، وٽامنز، فيٽي ايسڊز ۽ ٻيا جزا شامل آهن جيڪي صحت ۾ بهتري آڻڻ ۾ مدد ڏين ٿا.
پنير کي وڌيڪ مقدار ۾ کائڻ کان پرهيز ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي، ڇو ته ان ۾ ڪيلوريز جو مقدار وڌيڪ هجي ٿو ۽ وڌيڪ پنير کائڻ سان ماڻهو ٿولهه جو شڪار ٿي سگهي ٿو. ، جيڪو وري سليپ اپنيا جي خطرن کي وڌائي ڇڏيندو.
ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ٿولهه به گوگهرن جو سبب بڻبي آهي.