گورک اسٽيشن جو مواصلاتي نظام بهتر ڪرڻ جي گهرج

گورگ اسٽيشن دادو  ضلعي جي سنڌو نديءَ کير ٿر جبل جي قطارن جي وچ ۾ آھي. جبل کير ٿر جون قطارون لاڙڪاڻي ضلعي جي شھدادڪوٽ تعلقي جي مٿان اتر طرف کان شروع ٿي. سنڌ پرڳڻي جي اولهه طرف واري جي سرحد ٺاھي. ڪراچي  جي مٿان اتر طرف اوڀر طرف ۾ ختم ٿيون وڃن. کير ٿر جبل جي ڊيگهه ھڪ سؤ پنجاهه ميل آھي. کير ٿر جبل جون 3، ٽي مکيه قطارون آھن 1، ڀت جبل، 2، ڪرو جبل، 3، کيرٿر جبل. کير ٿر اولهھ واري قطار گهڻي اوچي آهي. ان جي چوٽي تي وڏيون ويڪريون خوبصورت سھڻيون ماٿريون آھن. انھن ماٿرينءَ ۾ ڪيترا تلاءِ ۽ ڍنڍون آھن جن ۾ مينھن جو پاڻي گڏ ٿيندو آھي. اھو پاڻيءَ ماڻهو چوپايو مال پيئندو آھي. کير ٿر جبل کي ڪاڇي جا ماڻهو اڇو جبل چوندا آھن.

گورک چوٽيءَ واري ماٿري ٽن چئن سون ايڪڙن ۾ پکڙيل آھن. انھيءَ ماٿري ۾ بادام انجير انگور ڄمن شاه بلوط جا وڻ عام جام ڏسڻ ۾ ايندا آھن. ميويدار وڻ وليون ميوو جھلينديون آھن. ميوو گھٽ  به ٿئي ۽ ان ۾ رس ميٺاج به گهٽ ٿي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهي سڀئي وليون ۽ وڻ خودرو آھن. گورک چوٽيءَ تي انيڪ ٻوٽيون به اڀرنديون آھن. جن جي سرھاڻ سڄي وايو منڊل کي واسي ڇڏيندي آھي. پاڪستان سرڪار پاران گورک چوٽيءَ تي ھل اسٽيشن ٺاهڻ جو پروگرام رٿيو ويو آھي جنهن م سرسبز باغن پارڪن سان گڏ و گڏ جديد سھولتن وارا هوٽل ۽ ٻيان تفريحي مرڪز اڏيا ويندا گورک هل اسٽيشن سنڌ م ايندڙ سياحن ۽ ٻين عام ماڻهن لاءِ گھڻو ويجھو سستو آرام سڪون وندر جو ھنڌ ثابت ٿيندو پڪن رستن بجليءَ ٽيليفون جي ڪري ڪاڇي جو علائقو شھرن سان ڳنڍجي ويندو گھڻي ترقي ڪندو.

زاھد حسين زرداري سـرھــاري

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.