اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڳالهين کان پاسو ڪرڻ غير جمهوري رويو آهي، ان سان ڇڪتاڻ جو ماحول پيدا ٿيندو آهي ۽ قومي يڪجهتي جي فضا کي به نقصان پهچندو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪندڙ ڪميٽي جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سياسي جماعتون جو پاڻ ۾ رابطو ۽ ڳالهيون جمهوريت جو روح آهن، رابطن سان مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.
هن چيو ته پاڪستان کي ڇڪتاڻ جي نه پر مفاهمت ۽ هم آهنگي جي ضرورت آهي ته جيئن معيشت جي تعمير ۽ دهشتگردي جي خاتمي جهڙن مسئلن جي حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري سگهجي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، اسان ان جي اجازت نه ڏينداسين ته غير جمهوري روين سان ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ رنڊڪ وڌي وڃي.
ڳالهين کان پاسو غير جمهوري رويو آهي، ملڪي ترقي ۾ رنڊڪ وجهڻ نه ڏينداسين: وزيراعظم
Prev Post
You might also like