ڪوئيٽا(م ڊ) پشتونخوا ميپ جي سربراهه محمود اچڪزئي چترال کان بولان تائين پشتونستان صوبو بڻائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪوئيٽا ۾ پشتون قومي جرڳي کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته پاڪستان جي حڪمرانن کي نه آئين جو خيال آهي، نه ئي عوام جو خيال آهي ۽ نه ئي اسلامي روايتن جي پرواهه آهي. محمود اچڪزئي چيو آهي ته پشتون قومون خاموش قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته پيڪا ايڪٽ کي رد ڪيون ٿا. پيڪا ايڪٽ عوام جي آواز کي دٻائڻ ۽ کين جلسن، جلوسن ۽ جرڳن کان روڪڻ لاءِ آندو ويو، اوهان پنهنجي تحفظ لاءِ پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي. پاڪستان ۾ 4 مهينن لاءِ عبوري حڪومت ٺاهي وڃي جنهن ۾ اهي پارٽيون شامل هجن جيڪي موجوده حڪومت ۾ شامل نه هجن. 4 مهينن اندر ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.