خالد مقبول صديقي سان اختلاف، مصطفيٰ ڪمال جو موقف اچي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسب)اڳوڻي سينيٽر ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفىٰ ڪمال پارٽي ڪنوينر خالد مقبول صديقي سان اختلافن تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

نجي ٽي وي سان ڳالهايندي مصطفىٰ ڪمال چيو ته خالد مقبول صديقي سان ڪو به جهيڙو ناهي، پر مسئلن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

هن چيو ته اڄ تائين سنڌ اسيمبلي ۾ اسان پنهنجو پارليماني ۽ ڊپٽي پارليماني ليڊر جو اعلان ناهيون ڪري سگھيا، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي چئي ٿو ته پارليماني ليڊر جو خط کڻي اچو، انهن جو ڪمرو خالي آهي، الاٽ ڪرڻو آهي.

مصطفىٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ 10 مهينا ٿي ويا آهن، پارٽي پارليماني ليڊر جو ليٽر ئي نه ڏئي رهي آهي، اهڙي پارٽي ڪهڙي آهي جتي صرف چيئرمين وٽ عهدو هجي ۽ ٻئي ڪنهن وٽ نه هجي؟

هن وڌيڪ چيو ته اسان کي پارٽي جي عهدن جو به فڪر ناهي، ٻين کي اها ڳالهه پسند نٿي اچي، جيڪڏهن ڪنهن کان پڇيو وڃي ته ايم ڪيو ايم ۾ ڪهڙو عهدو آهي ته اسان ڳالهه نٽائڻ شروع ڪندا آهيون. جڏهن رابطہ ڪميٽي تحلیل ٿي هئي، تڏهن خالد مقبول کي چيئرمين سڀني طرفان چونڊيو ويو، ۽ ان وقت اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته مرڪزي ڪابينا هڪ هفتي ۾ ٺهندي، پر اڄ تائين اها ناهي ٺهي سگهي، پارٽي جي مرڪزي ڪابينا ڪڏهن ٺهندي، اهو سوال خالد مقبول صديقي کان پڇو.

مصطفیٰ کمال جو وڌيڪ چوڻ هو ته ذاتي طور تي مان ماتحت ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر ان جو اجتماعي فائدو پڻ ٿيڻ گهرجي.

هڪ سوال جي جواب ۾ مصطفیٰ کمال چيو ته مسلم ليگ ن کي اسان لاءِ اڃا به گهڻو ڪرڻ گهرجي ها، ايم ڪيو ايم پنهنجي حلقن ۾ ناڪام ٿي آهي، ۽ ان جو فائدو اجتماعي مخالفن کي ٿيندو، ڪراچي ۾ بلدياتي حڪومت نظر نٿي اچي، بلدياتي نظام ناهي، اهي ماڻهو ناڪام ٿي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.