ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايف بي آر جي چيئرمين راشد محمود لنگڙيال آفيسرن لاءِ گاڏين جي خريداري تي لڳايل اعتراض تي اهم بيان جاري ڪيو آهي.
راشد محمود لنگڙيال چيو آهي ته نوجوان آفيسرن لاءِ گاڏيون خريد ڪيون وينديون، آپريشنز لاءِ گاڏين جي ضرورت هوندي آهي، جڏهن ته سيلز ٽيڪس جي چڪاس لاءِ آفيسر جو وزٽ ضروري ٿيندو آهي. هن چيو ته ڪميٽي جي اعتراض جو احترام سان مڪمل جواب ڏنو ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪس جا هدف مڪمل ڪيا ويندا، اسان ڪو جوتش بڻجڻ جو ڪم شروع نه ڪيو آهي. سيمنٽ جي قيمتن جي معاملي تي مقابلي واري ڪميشن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪرڻ بابت وضاحت ڪندي چيئرمين ايف بي آر چيو ته ڪراچي ۾ وڏين ڪمپنين ۽ ملٽي نيشنلز جا هيڊڪوارٽر آهن، جنهن ڪري ٽيڪس ڪليڪشن جا انگ اکر رڪارڊ ۾ ڪراچي مان ظاهر ٿين ٿا.
ڪراچي مان ٽيڪس جي وڏي رقم اچڻ پر ان رقم جو خرچ نه ٿيڻ بابت سوال تي راشد محمود لنگڙيال چيو ته اهو معاملو مالي پاليسي، وفاقيت ۽ آئين تحت طئي ٿيل آهي.
ياد رهي ته سينيٽ جي قائمہ ڪميٽي براءِ خزانه ايف بي آر آفيسرن لاءِ 6 ارب رپين جي ماليت سان 1010 گاڏيون خريدڻ تي سخت ناراضگي ظاهر ڪئي هئي، جڏهن ته سينيٽ ڪميٽي جي چيئرمين وزير خزانه کي خط لکي گاڏين جي خريداري لاءِ رقم جي ادائيگي روڪڻ جو مطالبو پڻ ڪيو هو.