ڪامورن کي وي سي بڻائڻ وارو معاملو، سنڌ جون يونيورسٽيون اڃا ٻه ڏينهن بند هونديون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)فيڊريشن آف آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئيشن (فپواسا) سنڌ شاخ، اڄ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين ۾ تعليمي سرگرميون ٻه ڏينهن وڌيڪ معطل رهنديون.

فپواسا جي آنلائن اجلاس ۾ سنڌ حڪومت کي سرڪاري يونيورسٽين ۾ هلندڙ بحران جو ذميوار قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته حڪومت جي غيرسنجيده ۽ تڪرب واري روين صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي.

اجلاس ۾ ان ڳالهه تي افسوس ظاهر ڪيو ويو ته حڪومت جي لاپرواهي ۽ اشتعال انگيز رويي سبب استاد تعليمي سرگرميون معطل ڪرڻ تي مجبور آهيون. تدريس ڪندڙ برادري ڪامورن کي وائيس چانسلر بڻائڻ جي سخت مخالفت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته اهڙا فيصلا تعليمي معيار ۽ ادارن جي خودمختياري تي ناڪاري اثر وجهن ٿا.

فپواسا سنڌ شاخ، سنڌ جي وڏي وزير ٰ پاران استادن ۽ اڪيڊمي بابت ڏنل توهين آميز بيانن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اهڙا بيان نه رڳو تدريس واري پيشي جي عزت گهٽائن ٿا پر استادن جي حوصلا شڪني به ڪن ٿا، جنهن سان سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جو وقار خطري ۾ پئجي ٿو.

اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، اين اي ڊي يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ ٻين ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي.

فيصلو ڪيو ويو ته 28 جنوري تي فپواسا سنڌ شاخ جي بينر هيٺ سمورا استاد ڪراچي پريس ڪلب تي وڏي پئماني تي احتجاج ڪندا. احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ٻين تنظيمن جهڙوڪ سپلا، ڪراچي بار ايسوسيئيشن ۽ سول سوسائٽي گروپن کي پڻ دعوت ڏني ويندي.

فپواسا پاڪستان جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري کي درخواست ڪئي ويندي ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۽ پريس ڪانفرنس ۾ سنڌ جي يونيورسٽين جي بحران کي اجاگر ڪن.

مرڪزي تنظيم کان اها پڻ درخواست ڪئي ويندي ته سڄي ملڪ ۾ ’يوم سياه‘ ملهائڻ جو اعلان ڪيو وڃي ۽ صدر ۽ وزيراعظم کي خط لکي سنڌ جي يونيورسٽين کي درپيش سنگين مسئلن بابت آگاهه ڪيو وڃي.

اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته سنڌ جا مشهور وڪيلن سان مشاورت ڪري، سرڪاري يونيورسٽين جي خودمختياري کي خطري ۾ وجھندڙ بل خلاف قانوني چارا جو جائزو ورتو ويندو.

فيڊريشن سڀني لاڳاپيل ڌرين، وفاقي حڪومت، عدليه ۽ سول سوسائٽي کان اپيل ڪري ٿي ته بحران جو فوري حل ڳولهي، سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.