ڪراچي (ويب ڊيسڪ)حڪومتي ڪميٽي جي ترجمان عرفان صديقي جيو چيو ته پي ٽي آءِ هڪ طرفي طور اوچتو ڳالهين جو عمل ختم ڪيو، جيڪو ڪميٽي لاءِ ئي نه پر خود پي ٽي آءِ لاءِ به حيرت جوڳو آهي. اڊيالا جيل مان بيرسٽر گوهر ڳالهين ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سينيٽر عرفان صديقي چيو ته بيرسٽر گوهر چيو ته باني پي ٽي آءِ واضح لفظن ۾ چيو آهي ته ڳالهين جي ڪا گنجائش ناهي رهي. شام جو اهو سبب ڏنو ويو ته صاحبزادي حامد رضا جي گهر تي پوليس گرفتاري لاءِ وئي. صاحبزاده حامد رضا ڳالهين بابت "ايبسوليٽلي ناٽ” جا لفظ استعمال ڪيا.
هن چيو ته طئي ٿيل اعلان موجب 7 ڏينهن کان اڳ نه ڪوبه جواب ڏبو، نه ڪميشن جو اعلان ڪيو ويندو. اسان تماشو بڻجڻ لاءِ تيار نه آهيون. 28 جنوري تي اجلاس لاءِ تيار ويٺا آهيون.
عرفان صديقي چيو ته ڪميشن جو جواب ڳالهين واري ويهڪ ۾ ئي ڏينداسين، اتي ئي جواب ڏينداسين. اسان ڌمڪين يا بائيڪاٽ جو اهڙو جواب نه ڏينداسين.
هن وڌيڪ چيو ته هڪ پاسي ڌمڪيون ۽ ٻئي پاسي سول نافرماني سان گڏ ٽوئيٽ به ڪيا ويا، وزيراعظم کي گاريون به ڏنيون ويون. اسان 28 جنوري کان اڳ ڪوبه جواب نه ڏئي سگهنداسين.