ممبئي ( ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار شاهد ڪپور پنهنجي ٻارن کي فلم انڊسٽريءَ ۾ نه آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بالي ووڊ ۾ لڳ ڀڳ سمورن وڏن اداڪارن جو اولاد پنهنجي والدين جي نقش قدم تي هلندي انڊسٽريءَ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ رڌل آهن، پر اداڪار شاهد ڪپور جي سوچ سڀني کان مختلف آهي.
هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران ڳالهائيندي شاهد ڪپور چيو ته هو نه ٿو چاهي ته سندس ٻار بالي ووڊ ۾ قدم رکن.
هن چيو ته کوڙ ساريون شيون آهن جيڪي مان چاهيان ٿو ته منهنجا ٻار نه سکن، مان چاهيان ٿو ته هو فطري طور پراعتماد بڻجن.
ٻارن جي تربيت بابت ڳالهائيندي اداڪار چيو ته مان پنهنجي ٻارن کي سدائين صحيح ڪم ڪرڻ جي صلاح ڏيندس.
واضح رهي ته شاهد ڪپور ۽ ميرا راجپوت سان 2015ع ۾ شادي ڪئي هئي ۽ جوڙي کي ٻن ٻارن جو اولاد آهي.
Next Post
You might also like