لنڊن/ڊبلن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۽ آئرلينڊ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ طوفان”ايووين“ تباهي مچائي ڇڏي، جنهن سبب زندگي جو نظام ڊيوان ڊول ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اوقيانوس سمنڊ جي اترين پاسي ايووين نالي هڪ شديد درجي جو طوفان موجود آهي، جنهن برطانيا ۽ آئرلينڊ جي ڪيترن ئي علائقن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته طوفان جي سبب 160 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گُهلي رهيون آهن، جنهن سبب بجلي بري طرح متاثر ٿي وئي آهي ۽ 10 لک کان وڌيڪ گهر بجلي کان محروم ٿي ويا آهن.
رپورٽن موجب، طوفان جي سبب ريلوي سروس سان گڏوگڏ روڊن تي وڻن جي ڪرڻ ڪري رستا بند ٿي ويا آهن ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ اُڏامون معطل ٿي چڪيون آهن.
برطانوي موسميات واري کاتي طرفان موسم جي خرابي سبب آئرلينڊ جي اترين علائقن ۽ اسڪاٽلينڊ جي مختلف حصن ۾ ريڊ وارننگ جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، طوفاني هوائن جي سبب گاڏي تي هڪ وڻ گرڻ جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو آهي.
Next Post
You might also like