ڪراچي( ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪنهن به چيني شهري کان ڀتي جي ڪا شڪايت رپورٽ نه ٿي آهي.
هڪ بيان ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته چيني ڀائرن جي سيڪيورٽي تي ڪنهن به قسم جو سمجھوتو نٿا ڪري سگھون، سيڪيورٽي خدشن جي ڪري چيني شهرين جي چرپر محدود آهي.
هن چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به چيني شهري کان ڀتي جي ڪا شڪايت رپورٽ ناهي ٿي، چيني شهرين طرفان عدالتي رستو اختيار ڪرڻ واري معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.
غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته پرڏيهين جي سيڪيورٽي بابت ايس او پيز تي عملدرآمد پوليس لاءِ لازمي آهي، مقامي اسپانسرز کي پڻ سيڪيورٽي جي ڪري اڳ جهڙو وانگر رسپانس ناهي ملي رهيو.