عمران خان حڪومت سان ڳالهين لاءِ شرط رکي ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان حڪومت سان ڳالهين جي چوٿين مرحلي کان اڳ پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي سان ملاقات جو شرط رکي ڇڏيو.
ذريعن موجب، عمران خان 28 جنوري کان اڳ ڳالهين واري ڪميٽي سان ملاقات ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ڪميٽي سان ملاقات کانپوءِ حتمي موقف پيش ڪيو ويندو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان حڪومت سان جاري ڳالهين کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو هو ته عمران خان حڪومت سان ڳالهيون نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پر ٻئي ڏينهن بئريسٽر گوهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو حڪومت سان ڳالهين تي ٻيهر غور ڪري سگهن ٿا، پر حڪومت کي پهريان جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪرڻو پوندو.
گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڳالهين واري ڪميٽين جو چوٿون اجلاس 28 جنوري تي ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو، پر پي ٽي آءِ ڳالهين واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان خيبرپختونخوا ۾ ڪرپشن جي معاملن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي پيغام ڏنو آهي ته هو ڊيرا اسماعيل خان جي سياست کان پري رهي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني جيل ۾ جنيد اڪبر ۽ عاطف خان سان ڪافي دير تائين ڳالهه ٻولهه ڪندو رهيو ۽ جنيد اڪبر کي خيبرپختونخوا ۾ پارٽي معاملن کي درست ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.