ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهين عدالت ڪيس، جسٽس منصور جو بئنچ جي ٻن ججن تي اعتراض

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل جي بئنچ تي اعتراض واري ڇڏيو.
جسٽس منصور علي شاهه ججز ڪميٽي کي خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر جي بئنچ ۾ شامل ٿيڻ تي اعتراض ڪيو ويو آهي.
خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته 23نومبر تي جڊيشل ڪميشن اجلاس ٿيو، جنهن بعد چيف جسٽس پنهنجي چيمبر ۾ ڪميٽي جو غير رسمي اجلاس گهرايو هو، اجلاس ۾ تجويز ڏني ته سنيارٽي جي بنياد تي پنج رڪني بينچ انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٺاهي وڃي.
جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ لکيو آهي ته تجويز ڏني هئي بينچ ۾ انهن ججن کي شامل نه ڪيو وڃي جيڪي ڪميٽي جا ميمبر به آهن، چيف جسٽس چيو ته هو چار رڪني بينچ ٺاهڻ پسند ڪندو.
خط ۾ چيو ويو آهي ته رات 9 لڳي 33 منٽن تي سندس سيڪريٽري جو واٽس ايپ ميسيج آيو، سيڪريٽري هن کان ڇهه رڪني بينچ جي منظوري جو پڇيو، هن سيڪريٽري کي ٻڌايو ته کيس هن تي اعتراض آهي، صبح جواب ڏيندو.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته رات ڏهه لڳي 28 منٽن تي سيڪريٽري ٻڌايو ته ڇهه رڪني بينچ جوڙي وئي آهي، روسٽرم به جاري ڪيو ويو آهي، سندس بينچ تي ٻن ميمبرن جي حد تائين اعتراض آهي.
سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج منصور علي شاهه چيو ته بينچن جي اختيارن جو ڪيس هنن کان واپپس وٺن جو فيصلو ٻنهي ڪميٽين ڪيو، ڪميٽين ۾ شامل ججن جي فيصلي تي ئي سوال آهن، ڪميٽي ۾ شامل ميمبر پنهنجي ڪيل تي پاڻ جج نٿا بڻجي سگهن، سندس اعتراضن کي رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.