لاهور (عمران شفقت) پهرين ڏينهن کان چئي رهيو آهيان ته 26هين آئين ترميم نشانو آهي ۽ انصاف ۽ آئين بهانو آ. عدالت اندر هلندڙ ان معاملي تي جتي ٻيا سڀ خاموش آهن ان تي بلاول ڀٽو زبردست ڳالهايو آهي. ايڊيشنل رجسٽرار کان غلطي ٿي هن آئيني معاملو عام ريگيولر بينچ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو جڏهن هن کي احساس ٿيو ته اهو آئيني بينڇ جو معاملو آهي ته هن رجسٽرار آفيس کي نوٽ لکي ڪري اهو آئيني بينچ کي موڪلي ڇڏيو هاڻي اهو معاملو آئين ۽ قانون جو مسئلو بڻجي ويو آهي ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل پارا پنهنجي توهين عدالت واري ڪيس خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل دائر ڪري ڇڏي آهي. ان درواست جي ٻڌڻي لاءِ چيف جسٽس 6 رڪني بينچ جوڙي ورتو آهي 27 جنوري تي ٻڌڻي ٿيندي. جسٽس جمال مندوخيل سربراهي ڪندو، جسٽس مظهر، جسٽس حسن اظهر، جسٽس شاهد وحيد جسٽس مسرت هلالي ان ۾ شامل آهن.27جنوري تي اهو ڪيس به ٻڌو ويندو جنهن تي سارو ڦڏو ٿيو آهي بقول بلاول ڀٽو زرداري گن پوائنٽ تي 20هين آئيني ترميم ڪرائي وئي هئي. ن ليگ ۽ پيپلز پارتي کي ختم ڪرڻ جو منصوبو هيو جيڪو اسٽبلشمنٽ ۽ عدليه جي ڳٺ جوڙ سان ممڪن ٿيڻو هيو. سو عمران خان جهڙو منصوبو آندو ويو پر اهو نالائق نڪتو. عمران پروجيڪٽ وسيلن تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ جو نالو هيو ۽ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ کي سبق سيکارڻو هيو .ڪيلينڊر سامهون رکي پلاننگ ڪئي وئي ته ڪهڙا ڪهڙا سپريم ڪورٽ جا چيف جسٽس بڻايا ويندا 26هين آئيني ترميم انهن پنج ججن جا مستقبل تاريڪ ڪري ڇڏيا جيڪي ان انتظار ۾ هيا ته اهي واري واري سان چيف جسٽس ٿيندا هن ترميم کان اڳ چيف جسٽس پاڪستان جو بادشاه هيو جيڪو وڻيس سو ڪري. سو ڪجهه ججن جو مشن هن ترميم جو خاتمو آهي.26هين آئيني ترميم جو گهيراءَ ٿي چڪو آهي، پر حڪومت خاموش آهي. بلاول ڀٽو واضع چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم کي صرف پارليامينٽ ختم ڪري سگهي ٿي باقي نه آئيني بينچ يا ڪو ٻيو بينچ ان کي ختم نه ٿو ڪري سگهي.