ڪراچي( پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ملڪ رياض خلاف هرجاڻي ڪيس جو اعلان ڪيو آهي. جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ 43 ڪارڪن تي ڪيس جو عدالت فيصلو ٻڌائي جسقم چيئرمين صنعان قريشي سميت جساف مرڪزي چيف آرگنائيزر اشرف ڪلهوڙو، آصف رضا مگسي ۽ 43 ڪارڪن آزاد ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته بحريا ٽائون مان بري ٿيڻ تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آهي ته پيپلزپارٽي جي سرڪار غير قانوني رٿا بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي سهولتڪاري ڪندي ڪراچي ۾ بحريا ٽائون اڳيان پرامن احتجاج مٿان حملو ڪيو هو، جنهن ۾ سنڌ جون نياڻيون، معصوم ٻار، نوجوان ۽ مرد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتا هئا، جن جي آزادي لاءِ آئون ڪارڪن سان گڏ روڊ تي ويهي ڌرڻو هنيو جنهن بعد عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي آزاد ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان بعد رات جو گلشن حديد ڪراچي ۾ منهنجي گهر مٿان چڙهائي ڪري مونکي ٽارچل سيل ۾ رکي گم ڪيو ويو ۽ بعد ۾ منهنجي ۽ پارٽي جي ساٿين جي گرفتاري ظاهر ڪري ملير لانڍي جيل ۾ قيد رکيو ويو. جتي ساڍا ٽي مهينا جيل ڪاٽڻ بعد ضمانت تي آزاد ڪيو ويو جڏهن ته عدالت ڪيس کي ڪوڙو قرار ڏئي اسان کي آزاد ڪيو آهي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيڻ تي ملڪ رياض مٿان پنهنجي ۽ ڪارڪن جي حرجاڻي جو ڪيس داخل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. صنعان قريشي ڪيس ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندڙ ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ، ڪاظم مهيسر، سيف سمون، اصغر ناريجو، غلام رسول سهون ، ڪيھر انصاري، جمن پنهور، ايڊووڪيٽ ساجد راڄپر، ايڊووڪيٽ اياز ڀٽو، ايڊووڪيٽ حسيب الرحمان پنهور ۽ ٻين کي سلام پيش ڪيو جن ذميواري سان ڪيس جي پوئيواري ڪئي.