اسلام آباد (فخردراني) ملڪ رياض کي عمران خان پاڪستان مان فرار ڪرايو . اي سي ايل ۾ نالو هجڻ باوجود ايم پي ٽي جي تحت ملڪ رياض کي 20 ڀيرا ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ڏنو ويو . هن وقت حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ ٻئي ان ڳالهه تي متفق آهن ته ملڪ رياض هجي يا ڪوئي ٻيو ڪير به رياست کان وڌيڪ ناهي. ۽ ملڪ رياض کي دبئي مان ملڪ آڻڻ جي لاءِ ڪوششُون ورتيون پيون وڃن. هڪ پاسي عمران ملڪ رياض کي ڀڙڪائي رهيوآهي ته حڪومتي ماڻهن جا راز پڌرا ڪري ٻئي پاسي ملڪ رياض به عمران خان سان بيٺل آهي ٽئين پاسي حڪومت ۽ اسٽبلشمنٽ سنجيدگي سان ملڪ رياض کي ملڪ آڻڻ جي لاءِ ويچاري رهيا آهن. ٻئي پاسي حڪومت سان پي ٽي آءِ ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ان کان اڳ عمران خان جي اين آر او نه وٺڻ واري دعوائن باوجود انهن تحريري صورت ۾ حڪومت کان ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هيو ۽ چيو ويو ته حڪومت پراسيڪيوشن تان هٽي وڃِي ته گرفتار ٿيل سڀ پاڻمرادو آزاد ٿي ويندا جيڪا پڻ اين آر او جو هڪ قسم آهي. جڊيشل ڪميشن جي معاملي تي حڪومت جو چوڻ آهي ته اهي معاملا عدالت ۾ هلي رهيا آهن ۽ عدالت ۾ هلندڙ معاملن تي ڪميشن نه ٿو ٺاهي سگجهي. منهنجي اطلاع مطابق پي ٽي آءِ ايجيٽيشن ۾ وڃي حڪومت مٿان دٻاءِ وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ته جئين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪرائي سگجهي. پي ٽي آءِ ٽرمپ وسيلي عمران جي آزادي جي ڪوشش ڪندي، ٽرمپ کي سڀ کان پهرين ڪال سعودي شهزادي محمد بن سلمان جي آئي جنهن سان هن ڳاله ٻوله ڪئي آحي. ٻئي پاسي ماضي کي ڏسندي اهو ممڪن نه ٿو لڳي ته ڪو محمد بن سلمان عمران خان جي رهائي جي ڳالهه ڪندو يا ان جي حق ۾ هوندو.