ترڪ صدر رجب طيب اردگان ايندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندو، شيڊيول پڌرو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان 12 کان 13 فيبروري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطحي اسٽريٽيجڪ ڪائونسل جو اجلاس منعقد ٿيندو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ نئين اڳڀرائي جو سبب بڻجندو.
ذريعن موجب، ترڪ صدر جي دوري دوران گڏيل سهڪار جي نون منصوبن تي صحيحون ٿيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ پارٽنرشپ وڌائڻ تي ڳالهيون ٿينديون.
صدر اردگان سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به پاڪستان پهچندو، جيڪو سياسي، معاشي ۽ ثقافتي شعبن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي اهم اڳڀرائي ڪندو. ترڪ صدر جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر اردگان گڏجي اسٽريٽيجڪ ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندا.
ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائيچاري وارا لاڳاپا هميشه کان مضبوط رهيا آهن ۽ اهو دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين سطح تي آڻڻ لاءِ هڪ اهم قدم سمجهيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.