اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي پاور شيئرنگ واري معاملي تي نون ليگ سان ڳالهين لاءِ قائم ڪميٽيون ختم ڪري ڇڏيون ۽ فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي صدر آصف علي زرداري ان معاملي تي وزيراعظم سان ڳالهيون ڪندو.
ذريعن موجب، پيپلز پارٽي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس ختم ٿي ويو ۽ پيپلز پارٽي نون ليگ سان ڳالهين لاءِ قائم سموريون ڪميٽيون ختم ڪري ڇڏيون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نون ليگ سان پاور شيئرنگ فارمولي تي ڳالهين جو اختيار صدر کي ڏنو ويو آهي.
ذريعن موجب، هاڻي صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف سان پاور شيئرنگ فارمولي تي ڳالهيون ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وفاق طرفان زرعي ٽيڪس لڳائڻ واري معاملي تي خدشن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته سي اي ايس اي زراعت تي لاڳو ٽيڪس 45 سيڪڙو مان گهٽائي 20 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي .
You might also like