اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ قائم بحريه ٽائونز ۽ ملڪ رياض جي اثاثن جي قومي سطح تي جاچ ڪرڻ جي ضرورت آهي، رياست 25 سالن کانپوءِ ملڪ رياض تي هٿ وڌو آهي ، هاڻي سندس بچڻ مشڪل آهي ۽ ڪو به ان خوش فهمي نه رهي ته حالتون بدجڻ تي رليف ملندو.
اسلام آباد ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران خواجا آصف چيو ته غيب جو علم الله وٽ آهي، پر ملڪ رياض کي هاڻي ڪنهن به فورم ذريعي رليف نه ملندو ۽ سندس گڏيل عرب امارات (يو اي اي)مان پاڪستان جي حوالگي وارو عمل مڪمل ڪري، هتي ڪيس هلايا ويندا، هن چيو ته يو اي اي سان جوابدارن جي حوالگي جو معاهدو موجود آهي.
هن چيو ته اهو وقت گذري ويو جڏهن ملڪ رياض تي ڪو هٿ نه وجهي سگهندو هو، جيڪڏهن ڪو پاڪستاني ملڪ کان ٻاهر بحريه ٽائون منصوبي ۾ پيسو لڳائيندو ته ان کي ڪارروائي جو منهن ڏيڻو پوندو.
خواجا آصف واضح ڪيو ته جيڪو به غيرقانوني ڪم ڪندو ان جو پيڇو ڪيو ويندو ۽ ملڪ رياض کي عدالتن مان رليف نه ملندو، نه ئي سياسي دٻاءُ سان ڪجهه حاصل ٿيندو، ميڊيا جنهن شخص جو نالو کڻڻ کان ڪيٻائيندي هئي احتساب جو سلسلو ايستائين پهچي چڪو آهي.
بچاءَ واري وزير چيو ته ملڪ رياض هڪ زماني ۾ چوندو هو ته مان پاڪستان کان ٻاهر وڃي ڪاروبار ڪرڻ حرام سمجهان ٿو، هاڻي فخر سان چئي ٿو ته مان دبئي ۾ اچي تمام وڏو پروجيڪٽ لانچ ڪيو آهي ۽ هتي اچي ڇائنجي ويو آهيان.
هن چيو ته اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ماڻهو دولت لاءِ ڪيئن پنهنجي ڳالهين تان ڦري ويندا آهن، مان سمجهان ٿو ته ملڪ رياض جي ڏوهن ۾ ميڊيا برابر جو شريڪ آهي، اوهان کي هڪ پروگرام دوران ٻه اينڪر پرسنز جي ڳالهه ٻولهه ياد هوندي، جنهن ملڪ ۾ صحافي، سياستدان ۽ جج خريد ڪيا وڃن، اتي عوام ڪهڙي چڱائي جي اميد رکي سگهي ٿو؟
خواجا آصف چيو ته ٽيهه ورهين تائين اِهو سلسلو هوندو رهيو آهي، هڪ شخص سڄي ملڪ ۾ جيڪي زمينون خريد ڪيون، سوسائيٽيون منظور ڪرايون سندس سهولتڪارن ۾ ڪيئي نالا لڪل آهن، سڄي ملڪ ۾ ٺهندڙ بحريه ٽائونز جون ٽرانزيڪشنز غيرقانوني آهن، يتيمن، بيواهن ۽ غريبن جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا.
صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته ان معاملي تي به بحث ٿيڻ گهرجي ته 25 سالن کان هڪ شخص منظم انداز سان سرعام غيرقانوني سرگرميون جاري رکيون ته سڀ خاموش ڇو رهيا؟
You might also like