” مائونٽ ايورسٽ“ کان به سئو ڀيرا وڌيڪ بلند 2 چوٽيون دريافت

دنيا جون بلند ترين چوٽيون هن وقت دنيا جي بلند ترين قرار ڏنل مائونٽ ايورسٽ کان 100 ڀيرا وڌيڪ ڊگهيون آهن.
سائنسدانن آفريقا ۽ بحر الڪاهل جي سرحد جي وچ ۾ مائونٽ ايورسٽ کان 100 ڀيرا وڌيڪ بلند چوٽيون دريافت ڪيون آهن.
جرنل نيچر ۾ شايع ٿيل تحقيق موجب، اهي ٻئي چوٽيون زمين جي سطح تي ناهن، پر سطح کان هيٺ موجود آهن.
انهن جي ڊيگهه اٽڪل 1000 ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته مائونٽ ايورسٽ جي ڊيگهه صرف 8.8 ڪلوميٽر آهي.
محققن جو اندازو آهي ته اهي چوٽيون گهٽ ۾ گهٽ 50 ڪروڙ سال پراڻيون آهن، جڏهن ته انهن جي ٺهڻ جو عمل 4 ارب سال اڳ شروع ٿي چڪو هو.
تحقيق موجب، هي ٻئي حيرت انگيز اسٽرڪچرز زمين جي مرڪز ۽ اندروني تهه جي وچ ۾ موجود سرحدون تصور ڪري سگهجن ٿيون.
تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آفريقا ۽ بحر الڪاهل جي سطح کان هيٺ، انهن اسٽرڪچرز جي چوڌاري ٽيڪٽونڪ پليٽس جو قبرستان پڻ موجود آهي.
سائنسدانن کي ڏهاڪن کان ڄاڻ هئي ته زمين جي سطح کان هيٺ وڏا اسٽرڪچرز لڪل آهن، پر ان جي تصديق هاڻي ٿي آهي.
ماهرن کي انهن چوٽين بابت زلزلي جي لهرن جي تجزيي ذريعي پتو پيو، جنهن جي مدد سان هو زمين جي سطح کان هيٺ تصوير تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
محققن موجب، اسان زلزلي جي لهرن کي انهن چوٽين جي ويجهو سست ٿيندي ڏٺو ۽ اهڙي طرح اسان انهن کي دريافت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين.
تحقيق موجب، هي اسٽرڪچرز موجوده ٽيڪٽونڪ پليٽس کان وڌيڪ گرم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.