ڪراچي (ويب ڊيسڪ): چيني سيڙپڪار پوليس طرفان مبينا طور هراسان ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ پوليس طرفان هراسان ڪرڻ جي خلاف چيني سيڙپڪارن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ڇهن چيني سيڙپڪارن طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ وفاقي گهرو وزارت، چيف سيڪريٽري، آءِ جي، سي پيڪ سيڪيورٽي، ملير پوليس جي عملدارن، چيني سفارتخاني ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پوليس جي هراساني ۽ ڀتاخوري کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ اهي لاهور يا واپس چين هليا وينداسين.
درخواست ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته هوائي اڏي تان رهائشگاهه تائين پوليس طرفان رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، ايئرپورٽ تي بلٽ پروف گاڏين جي نالي تي ڪلاڪ جا ڪلاڪ انتظار ڪرايو وڃي ٿو ۽ رشوت ڏيڻ تي پوليس عملدار پنهنجي گاڏي ۾ رهائشگاهه پهچائين ٿا.
درخواست ۾ اهو به الزام لڳايو ويو آهي ته رهائشگاهه تي به سيڪيورٽي جي نالي تي گهيراءُ ڪيو ويندو آهي، ٻاهران تالا لڳايا ويندا آهن ۽ آزاداڻي چر پر جي حق کان محروم ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ڪاروباري گڏجاڻيون ڪرڻ ۾ رڪاوٽون اچي رهيون آهن.
عدالت ٻڌڻي کانپوءِ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان چئن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.
You might also like