دنيا جي بهترين يونيورسٽيز جي فهرست جاري، پاڪستان مان 47 شامل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ٽائمز هائر ايجوڪيشن دنيا جي 115 ملڪن جي ٻه هزار بهترين يونيورسٽيز جي سال 2024-25 جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ پاڪستان جون 47 يونيورسٽيون به شامل آهن.
دنيا جي بهترين يونيورسٽيز جي رينڪنگ لاءِ انهن جو تعليمي، تحقيقي معيار ۽ مجموعي ڪارڪردگيءَ کي عالمي معيار جي بنياد تي پرکيو ويندو آهي.
ٽائمز هائر ايجوڪيشن جي فهرست ۾ هن سال به مسلسل نائون ڀيرو برطانيا جي آڪسفورڊ يونيورسٽي پهرئين نمبر تي موجود رهي.
پاڪستان جي رڳو هڪ يونيورسٽي 400 کان 500 تائين جي يونيورسٽيز ۾ جاءِ ٺاهي سگهي، ان کانسواءِ نسٽ يونيورسٽي، ايئر يونيورسٽي، ڪيپٽل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، ڪامسٽس يونيورسٽي، آءِ بي اي سکر ۽ فيصل آباد جي گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي 600 کان 800 جي وچ وارن نمبرن ۾ آهن.
لمز، بين القوامي اسلامي يونيورسٽي ۽ عبدالولي يونيورسٽي مردان جو نمبر 801 کان 1000 جي وچ ۾ آهي.
ان کانسواءِ پاڪستان جي 12 يونيورسٽيز 1001 کان 1200 جي وچ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيون.
ايشيائي ملڪن ۾ چين جون ٻه يونيورسٽين ميدان ماري ورتو جڏهن ته ايشيائي ملڪن جي بهترين يونيورسٽيز ۾ قائدِ اعظم يونيورسٽي جو 121 هون نمبر آهي.
اهڙي ريت ايشيائي ملڪن جي بهترين يونيورسٽيز ۾ نسٽ يونيورسٽي 152 هين جڏهن ته ڪامسٽس 157 هين نمبر تي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.