پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مخالف ڌر جي گوڙ ۾ حڪومتي بل منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ واپاري تنظيمن جي ترميمي بل ۽ شيون ٻاهر موڪلڻ ۽ گهرائڻ بابت ترميمي بل سميت 4 قانون منظور ڪري ورتا ۽ اجلاس 12 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس مقرر وقت کان سوا ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بچاءَ وارو وزير خواجا آصف، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، شيري رحمان ۽ ٻيا موجود هئا.
مخالف ڌر جي ميمبرن نڪتا اعتراض تي ڳالهائڻ جي اجازت گهري، جنهن تي اسپيڪر مخالف ڌر جي اڳواڻ کي مائيڪ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
مخالف ڌر گڏيل اجلاس ۾ احتجاج ڪندي پيڪا ايڪٽ نا منظور جا نعرا هنيا.
مائيڪ نه ملڻ تي اجلاس ۾ گوڙ ٿيو، مخالف ڌر ميمبرن سخت احتجاج ڪندي سيٽن تي بيهي نعريبازي ڪئي ۽ اسپيڪر جي ڊائيس تي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اڇلايون.
مخالف ڌر جي سخت احتجاج ۽ نعريبازي سبب گڏيل اجلاس جي ڪارروائي سخت متاثر ٿيڻ لڳي، اسپيڪر هيڊ فون لڳائي ڇڏيو.
واپار واري وزير ڄام ڪمال واپاري تنظيمن جو ترميمي بل 2021، شيون ٻاهر موڪلڻ ۽ گهرائڻ بابت ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيا، جن کي منظور ڪيو ويو.
سينيٽر منظور ڪاڪڙ نيشنل ايڪسيلنس انسٽيٽيوٽ بل 2024ع ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن کي منظور ڪيو ويو، جڏهن ته ايوان ۾ پيش ڪيل ٽيڪنالاجي بابت قومي اداري جو بل 2024ع به اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو.
پارليامينٽ جو اجلاس 18 منٽن تائين جاري رهيو، جڏهن ته 9 منٽن ۾ 4 بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيا ويا.
اجلاس 12 فيبروري تائين ملتوي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.