”سسٽم“ ۾ موجود ماڻهو ملڪ رياض کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا؟

اسلام آباد(عمران شفقت) ملڪ رياض جي ٽوئيٽ کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو پريشاني جوشڪار آهن  ٻئي پاسي اها به خبر پئي آهي  ته جڏهن 190 ملين پائونڊ معاملو هلي رهيو هيو ته جنرل قمر جاويد باجوا جو گهر تعمير ٿي رهيو هيو. پر ذريعا ٻڌائين ٿا ته اهو گهر ملڪ رياض نه ٺاهي ڏنو هيو ، فيض حميد جهڙا ماڻهو جن ملڪ رياض کان فائدا ورتا اگر انهن جون وديو يا آڊيو ان وٽ آهن ته انهن جي رات جون ننڊون حرام هونديون سو سسٽم ۾ موجود اهي ماڻهو ملڪ رياض کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا ڏسڻو پوندو ته آرمي چيف انهن سسٽم اندر ويٺل ماڻهن جو دٻاءُ قبوليندو يا نه. ماضي ۾ هڪ تپيدار ملڪ رياض جي اين او سي سان مقرر ٿيو، ٻيو واقعو شهبازشريف جي وڏ وزارت دوران ٿيو جڏهن لاهور ۾ بحريه ٽائون ٺهي رهيو هيو ۽ توسيع جو معاملو ان وقت جي ڊي جي ايل ڊي اي ان جي بنا اين اوسي توسيع خلاف اخبارن ۾ اشتهار ڏنا ته اهو غير قانوني ڪم ڪري رهيوآهي. ملڪ رياض کي ٻڌايو ويو ته آر او (رليزآرڊر ) اچي ويو آهي  هڪ اشتهار بحريه ٽائون خلاف  هلڻ وارو آهي. ملڪ رياض چيو نه ڇاپيو  ۽ اهو سرڪاري اشتهار  اخبارن ۾ ملڪ رياض جي روڪڻ جي ڪري نه ڇپجي سگهيو ڊي جي ايل ڊي اي مجبوري ۾ شهر اندر بينر لڳرايا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 24 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.