آذربائيجان ڪشمير ڪاز تي پاڪستان جو حمايتي آهي: بچاءُ وارو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آذربائيجان ڪشمير ڪاز تي پاڪستان جي حمايت ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن.
پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ اٺين گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته هو توانائي جي شعبي ۾ آذربائيجان جي صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪندا، توانائي جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي ڀائيواري فائديمند ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته دفاعي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن ۾ معاهدن سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، پاڪستان ۽ آذربائيجان ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ آهي.
هن چيو ته بزنس ٽو بزنس لاڳاپن سان ٻنهي ملڪن ۾ سيڙپڪاري وڌندي، آذربائيجان خطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ واڌاري لاءِ گڏيل سهڪار ضروري آهي، ٻئي ملڪ اي ويزا ۽ سڌي ريت اڏامن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.