عافيه صديقي جي رحم جي اپيل رد، ” آمريڪا، پاڪستان کي ان جي اوقات ڏيکاري رهيو آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر جو بائيڊن آمريڪي جيل ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي جي رحم جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي ۽ ان اڳڀرائي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي به آگاهه ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان، ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آمريڪي جيل مان آزاد ۽ ڏيهه واپسي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر فوزيه صديقي ۽ سندس آمريڪي وڪيل ڪلايو سمٿ وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته درخواستگذار جو وڪيل عمران شفيق ۽ ايڊشنل اٽارني جنرل پڻ عدالت ۾ موجود هئا.
ٻڌڻي دوران عدالت کي آگاهه ڪيو ويو اڳوڻي آمريڪي صدر جو بائيڊن ڊاڪٽر عافيه صديقي جي رحم جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي ۽ آمريڪا پاڪستان سان قيدين جي آزادي واري معاهدي کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
جسٽس سردار اعجاز اسحاق جي رمارڪس ۾ چيو ته آمريڪا اسان کي اسانجي اوقات ڏيکاري رهيو آهي، اڳوڻي آمريڪي صدر پنهنجي پٽ جي سزا ته معاف ڪري ڇڏي، پر اسان جي قيدي کي آزاد نه ڪيو.
وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ٻاهرين ملڪن ۾ دورن جي تفصيلن تي ٻڌل رپورٽ پڻ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير جي ڊاڪٽر عافيه سان ملاقاتن ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي به جواب جمع ڪيو ويو.
پرڏيهي وزارت طرفان عدالتي سوالن جي جواب تي ٻڌل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.