لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس ويجهو ٻيلن ۾ نئين باهه لڳي وئي آهي، جنهن سبب 25 هزار ماڻهن کي علائقو خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ڪاسٽائڪ ڍنڍ ويجهو جبلن ۾ باهه جا شعلا پکڙجڻ لڳا آهن، جنهن ڪري 500 قيدين کي ٻين جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
طوفاني هوائن سبب صرف ٻن ڪلاڪن ۾ 5 هزار ايڪڙ زمين کي باهه لڳي وئي آهي.
لاس اينجلس ڪائونٽي فائر ڊپارٽمينٽ ۽ اينجلس نيشنل فاريسٽ جا اهلڪار باهه وسائڻ ۾ رڌل آهن. باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ هيلي ڪاپٽر ۽ ننڍا جهاز پڻ حصو وٺي رهيا آهن.
You might also like