ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ۽ ماڊل سنيتا مارشل پنهنجي سانوري رنگ بابت انڪشاف ڪيو آهي ته ان جو کيس ماڊلنگ ۾ گهڻو فائدو ٿيو.
تازو هڪ مارننگ شو ۾ گفتگو ڪندي ميزبان کان پڇيل سوال تي جواب ڏيندي سنيتا مارشل چيو ته رنگ جي حوالي سان مون کي مارننگ شو ۾ ڪڏهن ڏکيائي نه ٿي پر ماڻهن پسند ڪيو، اصل مسئلا ٽي وي ۾ هئا.
هن نشاندهي ڪندي چيو ته ڊرامن ۾ فريم جو مسئلو هوندو آهي، جيڪڏهن هڪ ئي فريم ۾ مان ۽ مون سان گڏ ڪو ٻيو ڀورو اداڪار يا اداڪارا بيٺي هوندي ته ڪيمرامين کي ان کي سيٽ ڪرڻ مسئلو ٿيندو آهي.
سندس چوڻ هو ته اهو مسئلو ڪجهه ڪيمرامينن سان ٿيندو هو، سڀني سان اهو مسئلو ناهي ٿيندو، متوازن رکڻ ۾ مسئلو ٿيندو هو پر ماڊلنگ ۾ مون کي سدائين فائدو ٿيو آهي.
سنيتا چيو ته مان ماڊلنگ ۾ اهڙا شوٽس به ڪيا، جنهن ۾ منهنجو رنگ وڌيڪ ڊارڪ ڪيو ويو، ڪجهه ماڻهن کي ڊارڪ رنگ پسند هوندو آهي، ان کانسواءِ ڪجهه ڪپڙن جا رنگ به سانوري رنگ تي وڌيڪ ٺهندا آهن.
You might also like