ممبئي (ويب ڊيسڪ ) مشهور بالي ووڊ اداڪارا ۽ ماڊل اُروَشي روٽيلا تازو ئي پنهنجي وائرل باٿ روم وڊيو بابت وضاحت ڏني آهي، جنهن 2024 ۾ سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو.
اروشي انڪشاف ڪيو ته اِها وڊيو سندس فلم ” گهسپيٽيا “ جو هڪ سين هو ۽ اِها پروڊيوسرز جي درخواست تي جاري ڪئي وئي هئي.
هڪ انٽرويوءَ دوران اداڪارا ٻڌايو ته فلمساز مالي پريشانين جو شڪار هو، کيس قرض لاهڻ لاءِ پنهنجي زمين پڻ وڪرو ڪرڻي پئجي وئي هئي.
اروشي روٽيلا موجب، پروڊيوسر سندس ٽيم کان اجازت ورتي ته ڇا اِهو سين فلم جي رليز کي اڳ وائرل ڪري سگهجي ٿو.
اداڪارا چيو ته اِهو فلم جو هڪ سين هو، جنهن ۾ ڪائي خاص ڳالهه نه هئي، پروڊيوسرز درخواست ڪئي ته سين ليڪ ڪري فلم جي مشهوري ڪري سگهجي.
هن وڌيڪ چيوته سين وائرل ڪرڻ جو مقصد ڇوڪرين لاءِ به هڪ قسم جي وارننگ هئي ته هو محتاط رهن.
Next Post
You might also like